ڪينسر ۾ مبتلا اداڪاره نائله جعفري پاران مالي مدد جي اپيل

ڪراچي: سوشل ميڊيا تي اداڪاره نائله جعفري جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هوءَ مالي مدد جو مطالبو ڪري رهي آهي.
نائله جعفري جو چوڻ آهي گذريل 6 سالن کان ڪينسر جي مرض سان جهيڙي رهي آهيان جڏهن ٻي ڪيموٿراپي به نه ٿي آهي.
هن چيو ته مونکي انفيڪشن سبب اسپتام ۾ داخل ڪيو ويو هو ته پهريان انفيڪشن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ۽ هڪ ٻي ڳالهه جيڪا آئون ان دوران سوچيندي آهيان اها هيءَ ته اسان جي حڪومتي پاليسي سازن کي فن ۽ آرٽ سان لاڳاپيل مانهن بابت سوچڻ گهرجي.
جڏهن مون پي ٽي وي جوائن ڪئي هئي ته اسان کي ٻيهر نشر ڪيل شوز جي رائلٽي ملندي هئي،توڙي جو اهي پيسا گهٽ هوندا هئا پر ان باوجود اسان کي خوشي ٿيندي هئي.
اداڪاره پنهنجي وڊيو بيان ۾ درخواست ڪندي چيو منهنجو مطالبو آهي ته ايندڙ وقت ۾ ان حوالي سان ڪم ڪيو وڃي ڇو ته هي مون جهڙن سينيئر آرٽسٽ لاءِ بهتر ٿيندو جن لاءِ ڪجهه شيون مينيج ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔