اردن ۾ بغاوت جي ڪوشش ناڪام، شاهي خاندان ۽ حڪومتي عهديدار گرفتار

عمان: اردن ۾ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش کي ناڪام بڻايو ويو آهي جنهن دوران ڪجهه حڪومتي عهديدار ۽ ڪجهه شاهي خاندان جي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
عالمي ميڊيا موجب بغاوت جي سازش ۾ ملوث ڪجهه اعليٰ حڪومتي عهديدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله ٻئين جي ويڳي ڀاءُ ۽ اڳوڻي ولي عهد شهزادي حمزه بن الحسين کي به نظربند ڪيو ويو آهي ۽ ان کان به پڇا ڳاڇا جاري آهي.
اردن جي خابرو ايجنسي پيٽرا موجب سيڪيورٽي فورسز هي گرفتاريون سرگرمين جي جاچ بعد سيڪيورٽي سبب جي ڪري ڪيون ويون البت شهزاده حمزه بن الحسين انهن ماڻهن ۾ شامل ناهي جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔