ڀارت ۾ ڪووڊ سينٽر اندر باهه، 10 ڄڻا سڙي فوت

ممبئي: ڀارت جي شهر ممبئي ۾ ڪووڊ سينٽر ۾ باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪووڊ سينٽر ممبئي جي هڪ مال ۾ بڻايو ويو هو ۽ باهه وقت عارضي اسپتال ۾ 70 کان وڌيڪ مريض موجود هئا.
ميڊيا جي رپورٽن موجب باهه لڳڻ جو سبب هن وقت تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو پر حادثي ۾ 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته 70 کان وڌيڪ مريضن کي ٻين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔