ڪورونا جي ٽين لهر وڌڻ بعد اسلام آباد ۽ لاهور سوڌو 7 شهرن ۾ تعليمي ادارا اڄ کان 15 ڏينهن لاءِ بند

اسلام آباد/پشاور : ڪورونا جي ٽئين لهر وڌڻ بعد اسلام آباد ۽ لاهور سوڌو 7 شهرن ۾ تعليمي ادارا اڄ کان 15 ڏينهن لاءِ بند ڪيا ويا آهن ۽ اسلام آباد جا وڌيڪ 2 علائقا به سيل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لاهور، گجرات، گجرانوالا ۽ راولپنڊي جا ڪيترن ئي علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي،  انتظاميا جو چوڻ آهي ته ماسڪ نه پائڻ تي هڪ هزار کان 35 هزار رُپين تائين ڏنڊ لڳايو ويندو، پنجاب جي 6 ضلعن ۾ تعليمي ادارن ۾ 15 ڏينهن تائين بهار جي موڪل ڪئي وئي آهي، پارڪس ۽ ڪاروباري مرڪز شام 6 وڳي بند ڪيا ويندا، هوڏانهن ڪي پي ۾ شاگرد هالز ۽ رسٽورنٽس اندر تقريبن توڙي کاڌو کائڻ تي پابندي مڙهي وئي ۽ مزارون ۽ سينيما گهر بند ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔