اداڪاره شائسته جبين شادي نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

لاهور: مشهور ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ سينئر اداڪاره شائسته جبين اڃان تائين شادي نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.شائسته جبين هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ ميزبان احسان خان اداڪاره کان شوبز ۾ انٽري ۽ شادي نه ڪرڻ بابت سوال ڪيو. شائسته جبين چيو ته ننڍپڻ کان ئي والد جي محبت کان محروم ٿي ويس ان ڪري ڪم ڪري پنهنجي ڪتنب جي مدد ڪندي رهيس. هن ٻڌايو ته مان شوبز انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ پنهنجي خاندان جي پهرين ۽ آخري عورت آهيان ڇو ته مون کي ڪوبه پسند نه ڪندو هو ۽ نه ئي ڪو اهو ٻڌائڻ چاهيندو هو ته شائسته اسان جي مائٽياڻي آهي.هن ٻڌايو ته شايد هاڻ خاندان ۾ ڪو مون کي پنهنجو مائٽ چوندو هجي پر اڳ ۾ ائين نه هو ۽ اهوئي سبب هو ته مان پاڻ به انڊسٽري ۾ پنهنجي خاندان جو ذڪر نه ڪيو. ڇو ته مون کي پسند نه هو ته جيڪڏهن ڪو مون کي پسند نه ڪري ته مان ان جو ذڪر ڇو ڪريان. اداڪاره شو ۾ شادي نه ڪرڻ جو سبب بيان ڪندي ٻڌايو ته هنيئر تائين شادي ان لاءِ ناهي ڪئي ته ٻين کي ڏسي عبرت حاصل ٿي وئي آهي.اڄ تائين مون تمام گهٽ شادي شده ماڻهن کي خوشگوار زندگي گذاريندي ڏٺو آهي. نه ته گهڻو ڪري ته اهو آهي ته جيڪڏهن مڙس ڪرپٽ آهي ته زال روئيندي آهي ۽ زال صحيح ناهي ته مڙس روئيندو آهي. حالانڪه مان پنهنجي گهر ۾ به پنهنجي ڀاءُ کي ڏسي اهوئي چوندو آهيان ته اوهان ئي اهي ماڻهو آهيو جنهن کي ڏسي مان شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔