سينيٽ جي پولنگ بوٿ ۾ ڪيمرا نروار ٿي وئي

اسلام آباد: چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن جي موقعي تي پولنگ واري جاءِ تي ڪيمرا هجڻ جو الزام سامهون آيو آهي.

سينيٽ جو چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين حڪومت جو هوندو يا اپوزيشن جو هوندو ان جو فيصلو اڄ ته ٿيندو پر چونڊن کان اڳ اپوزيشن پارٽين جي سينيترز پولنگ جي جاءِ تي ڪيمرا لڳل هجڻ جو الزام هنيو آهي.

پاڪستان مسلم ليگ جي سينيٽر مصدق ملڪ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ هو ته پولنگ واري جاءِ ته ٻه ڪيمرائون لڳل آهن، پولنگ جي جاءِ تي ڪيمرائون لڳل هجڻ تي اپوزيشن پاران احتجاج ڪيو ويو.

سينيٽر مصطفيٰ کوکر جو چوڻ هو ته هيءَ ذميواري سينيٽ جي سيڪريٽري جي آهي ته پولنگ بوٿ پويان ڪيمرا لڳل نه هجي.

ان حوالي سان پارليامينٽ هائوس کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته پولنگ بوٿ اندر ڪيمرا جو هجڻ نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ۽ اهو عمل ثابت ڪري ٿو ته عمران خان ڪهڙي قسم جي اليڪشن ٿو چاهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔