سينيٽ ۾ وڏو دنگل اڄ ٿيندو، يوسف رضا گيلاني ۽ صادق سنجراڻي وچ ۾ چوٽِي جَي مقابلي جو امڪان

اسلام آباد : سينيٽ ۾ وڏو دنگل اڄ ٿيندو، سينيٽ چيئرمين لاءِ پي ڊي ايم اميدوار يوسف رضا گيلاني ۽ حڪومتي اميدوار صادق سنجراڻي وچ ۾ چوٽِي جَي مقابلي جو امڪان آهي، ڊپٽي چيئرمين لاءِ پي ٽي آءِ اميدوار مرزا محمد آفريدي ۽ پي ڊي ايم جو عبدالغفور حيدري آمهون سامهون، ايوان ۾ اپوزيشن جا 51 ۽ حڪومتي اتحاد وٽ 47 ميمبر آهن، جِي ڊي اَي جو مظفر شاهه اڄ رٿيل سينيٽ اجلاس دوران پرزائيڊنگ آفيسر مقرر، تازو چونڊجي آيل سينيٽرز کان حلف وٺڻ سان گڏ چيئرمين سينيٽ جِي چونڊ به ڪرائيندو، ڊپٽي چيئرمين جِي چونڊ نئون سينيٽ چيئرمين ڪرائيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔