پ پ ايم پي اي راجا خان مهر به نيب جي ريڊار تي اچي ويو

اسلام آباد: پ پ ايم پي اي راجا خان مهر به نيب جي ريڊار تي اچي ويو، نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران ايم پي اي راجا خان مهر ۽ لوڪل گورنمينٽ گهوٽڪي جي ضلعي آفيسرز خلاف انڪوائري سميت خيبرپختونخواهه جَي وزير شوڪت يوسفزئي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران 3 ريفرنسز داخل ڪرڻ، 8 انڪوائريز ۽ 8 انويسٽيگيشنز جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي راجا خان مهر، منشي حيات، سچل مهر، سپروائزر امان الله، اڳوڻو سي ايم او فيصل ميمڻ، ٽي ايم او نادر شاهه، لوڪل گورنمينٽ گهوٽڪي جي آفيسرز خلاف انڪوائري منظور ڪئي وئي. ايم اين اي سردار جعفر خان لغاري، خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري وزير شوڪت يوسفزئي، اڳوڻي وزير آبپاشي امانت الله خان، اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر رانا عاطف خلاف به انڪوائري منظور ڪئي وئي، اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي محمد انور ورک خلاف انڪوائري منظور ڪرڻ سميت بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب ثناءُالله زهري، ايس ايس پي آفيس جيڪب آباد جي اڳوڻي آفيشل منظور احمد ملڪ، روينيو عملدار عبدالحميد ۽ ڪشمور جي مختيارڪار عبدالحميد خلاف انويسٽيگيشن منظور ڪئي وئي، جڏهن ته ڪي پي جي اڳوڻي چيئرمين احمد حيات، اڳوڻي مئنيجر سيد جمشيد زيدي، خرم ايس عباس سي اي او ڪراچي انٽرنيشنل ٽرمينل خلاف قومي خزاني کي 21.45 ارب جو نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، بلوچستان ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرمينن محمد فاروق، سردار انور قمبراڻي، علي ظهير، جاويد خان خلاف صاف پاڻي منصوبي ۾ قومي خزاني کي 984.86 ملين رپين جو نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔