سنڌ حڪومت چين کان سائنو فارم وئڪسين خريد ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ حڪومت چين کان ڪووڊ 19 کان بچاءُ جي سائنو فارم وئڪسين خريد ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي، وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام کي ڪرونا وائرس کان محفوظ رکڻ لاءِ سائنو فارم وئڪسين خريد ڪرڻ چاهي ٿي. ڪراچي ۾ مقرر چيني قونصل جنرل مسٽر لي بيجين وزيراعليٰ هائوس پهچي وڏي وزير مراد علي ساهه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪرونا وئڪسين، ڪي سِي آر ۽ ٿر ڪول وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سي ايم هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ سائينو فارم وئڪسين جي خريداري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سائنو فارم وئڪسين خريد ڪرڻ چاهي ٿي، اسان کي عوام کي ڪووڊ 19 کان محفوظ ڪرڻو آهي. چيني قونصل جنرل وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڪرونا کان بچاءُ واري وئڪسين جي خريداريءَ ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. گڏجاڻي دوران وڏي وزير ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي تي ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ڪي سي آر جي تعمير لاءِ چيني حڪومت جي ضرورت آهي. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چين جي ٿر ۾ مائننگ ۽ پاور پروجيڪٽ تي ڪم کي پڻ تمام گهڻو ساراهيو………..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔