اسلام آباد: موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهندو.
اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب خشڪي ختم ٿي وئي آهي ۽ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي. پنجاب جي ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ ۾ سخت ڪوهيڙي جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه ٿڌ جي وڪڙ ۾ رهندا.
جڏهن ته اتر بلوچستان جا جابلو علائقا ٿڏين هوائن جي وڪڙ ۾ رهندا. ساهيوال ۽ ڀرپاسي ۾ سخت ڪوهيڙي سبب ڏسڻ جي روشني گهٽ ٿي وئي آهي. فيصل آباد روڊ ۽ جي ٽي روڊ تي ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي روانگي به متاثر ٿي آهي.
ساهيوال جي ٽريفڪ پوليس طرفان شهرين کي درخواست ڪئي وئي آهي ته شهري ڪوهيڙي ۾ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ سفر دوران فوگ لائٽس جو استعمال ڪن. گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ اڄ برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو.