سري نگر: والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج فائرنگ ڪري وڌيڪ 2 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ڪشمير ميڊيا سروس(ڪي ايم سي) موجب ڀارتي قابض فوج جي والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جاري آهي. ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي صلعي شوپيان ۾ نام نهاد اپريشن جي آڙ ۾ فائرنگ ڪري وڌيڪ 2 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو.
شهادتن کان پوءِ علائقي ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. جڏهن ته شهرين طرفان ڀارتي قابض فوج جي خلاف احتجاج به ڪيو ويو.