پاڪستان ۾ ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا اچڻ جي شرح ۾ لڳاتار واڌ

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا اچڻ جي شرح ۾ لڳاتار واڌ ٿيڻ لڳي ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچڻ جي شرح 5.1 رهي، وڌيڪ هڪ هزار 637 ماڻهو ڪورونا جو شڪار، وائرس وڌيڪ 23 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائين دوران ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 3 ريسٽورنٽس ۽ هڪ دڪان سيل، بازارن ۽ عوامي جاين تي ماسڪ نه پائڻ تي درجنين شهرين مٿان ڏنڊ لاڳو، لاهور، ملتان ۽ راولپنڊي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ڪورونا ڪيسز وڌڻ بعد سمارٽ لاڪ ڊائون، پنجاب ۾ صحت کاتي جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته سماٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو مقصد وڌيڪ متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي چرپر کي محدود ڪرڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔