رمضان شگر ملز ريفرنس ۾ حمزه شهباز جي عدالتي رمانڊ ۾ 17 نومبر تائين واڌ

لاهور : لاهور جي احتساب عدالت رمضان شگر ملز ريفرنس ۾ حمزه شهباز جي عدالتي رمانڊ ۾ 17 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، حمزه شهباز طرفان گذريل ٻڌڻي تي پيش نه ٿيڻ بابت رپورٽ تي ايندڙ ٻڌڻي تي فيصلو ٻڌايو ويندو، احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران حمزه شهباز چيو ته عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان قطعي انڪار نه ڪيو آهي، ڪو ماڻهو بيمار ٿئي ته اُن کي ايمبولينس ذريعي آندو ويندو آهي، اوچتو ڇا ٿيو جو بڪتربند گاڏي ۾ آڻڻ شروع ڪيو ويو، عدالت ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري پنجاب کي هدايت ڪئي ته سمورو ڪم قانون موجب ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي، قانون ۾ سڀ شهري برابر آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔