وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن ۽ زائرين مئنيجمينٽ پاليسي جي منظوري ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو آهي، جنهن لاءِ 9 نقاطي ايجنڊا به جاري ڪئي وئي آهي. ڪابينا اجلاس کي ملڪ ۾ پکڙندڙ ڪرونا وائرس ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهي ڏني ويندي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن ۽ زائرين مئنيجمينٽ پاليسي جي منظوري پڻ ڏيندي. ڪابينا اجلاس ۾ پاڪ عرب ريفائنري لميٽڊ ۽ پوسٽل لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي به منظوري ڏني ويندي………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔