روز ويلٽ هوٽل جي بندش خلاف درخواست تي حڪومت کان جواب طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پي آءِ اي جِي نيويارڪ ۾ ملڪيت روز ويلٽ هوٽل جي بندش خلاف درخواست تي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس عامر فاروق جي سربراهيءَ ۾ بئنچ پي آءِ اي جِي نيويارڪ ۾ ملڪيت روز ويلٽ هوٽل جي بندش خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته روز ويلٽ هوٽل بابت حڪومت جي پاليسي بابت هدايتون وٺي هڪ هفتي اندر آگاهه ڪيو وڃي. واضح رهي ته عدالت اڳ به اهڙي درخواست سرڪار جي موقف بعد اڪلائي ڇڏي هئي……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔