اياز صادق جي بيان خلاف پنجاب اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ جمع

لاهور (م ڊ)پي ٽي آءِ پنجاب اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جي بيان خلاف پنجاب اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو، ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اياز صادق، نواز شريف ۽ ڀارت کي خوش ڪرڻ لاءِ بيان ڏنو، هي ايوان ان جي مذمت ڪري ٿو. پي ٽي آءِ، ايم پي اَي مسرت چيمه پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ پهچي نواز ليگ اڳواڻ اياز صادق جي بيان خلاف مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو. مسرت چيمه پاران جمع ڪرايل ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته اياز صادق ميان نواز شريف ۽ ڀارت کي خوش ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج خلاف بيان ڏنو، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. ٺهراءُ جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اياز صادق سيڪيورٽي ادارن خلاف بيان ڏئي ملڪ سان غداري ڪئي آهي، سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔