اسلام قبول ڪري پيرسن سان پرڻو ڪندڙ نينگري بازياب ڪرائي دارالامان موڪلڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اسلام قبول ڪري وڏي ڄمار واري شخص سان پسند جو پرڻو ڪندڙ مسيحي نينگري آرزو کي ٽن ڏينهن اندر بازياب ڪرائي دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اسلام قبول ڪري 40 سالن جي شخص سان پسند جو پرڻو ڪندڙ مسيحي نينگري آرزو عرف فاطمه کي بازياب ڪرائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي هلائي. نينگري جي والدين عدالت چيو ته آرزو جي عمر 14 سال آهي ۽ قانون موجب هوءَ ننڍي عمر ۾ شادي نه ٿي ڪري سگهي، تنهنڪري کيس بازياب ڪرائي سندن حوالي ڪيو وڃي. پوليس عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪوششن باوجود نينگري جو پتو نه پئجي سگهيو، لڳي ٿو ته شاديءَ کانپوءِ آرزو کي روپوش ڪيو ويو آهي. عدالت نينگري کي ٽن ڏينهن اندر بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪر ي ورتو آهي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ننڍي عمر جي شادين کي روڪڻ لاءِ قانون موجود آهي، جيڪڏهن قانون جي ڀڃڪڙي ٿيندي ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ رمارڪس ۾ چيو ته نينگري کي بازياب ڪرايو وڃي، سندس ميڊيڪل بابت بعد ۾حڪم ڏنو ويندو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔