مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي فرد جرم لاءِ 11 نومبر جي تاريخ مقرر

لاهور (م ڊ) لاهور جي احتساب عدالت، شريف ڪٽنب خلاف مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سميت سڀني جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 11 نومبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي واعدي معاف گواهن جي بيان جون ڪاپيون فراهم ڪندي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 11 نومبر تي طلب ڪري ورتو، شهباز شريف عدالت کي آگاهه ڪندي چيو ته چيلهه جي تڪليف سبب جيل اندر گهڻو وقت سمهي گذاريندو آهيان، تنهن باوجود بڪتربند گاڏيءَ ۾ آندو ويو، مونکي هڪ فزيو ٿراپسٽ فراهم ڪيو وڃي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف مني لانڊرنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي ڌار ڌار بڪتربند گاڏين ۾ آڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. شهباز شريف عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته منهنجي فزيو ٿراپي اڄ تائين ناهي ٿي، فاضل جج ريمارڪس ڏنا ته آئون ان حوالي سان حڪم جاري ڪندس. شهباز شريف چيو ته مونکي سخت بيڊ مهيا ڪيو ويو، ميڊيڪل بورڊ تي به اعتماد ناهي، بڪتربند گاڏي سان ڪوبه اعتراض ناهي پر مونکي چيلهه جي تڪليف آهي، اڄ به ليٽي آيو آهيان ۽ جيل اندر به اڪثر ليٽيو پيو هوندو آهيان. عدالت شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 11 نومبر جي تاريخ مقرر ڪندي سلطاني گواهن جي بيان جون ڪاپيون فراهم ڪري ڇڏيون. شهباز شريف جي استدعا تي کيس وڪيل سان مشوري لاءِ مختصر وقت ڏنو ويو، جنهن بعد دستاويزن تي صحيح ڪري آڱوٺو هڻي ڇڏيو. عدالت شهباز شريف جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته فرد جرم واري ڪارروائي ڪڏهن شروع ڪئي وڃي، جنهن تي وڪيل چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 7 ڏينهن جو وقت ڏيڻ گهرجي. عدالت وڪيل جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سميت سمورن جوابدارن کي 11 نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔