نيازي سرڪار کي گهر موڪلي ئي احتجاج ختم ڪنداسين: احسن اقبال

لاهور (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال شهباز شريف کي بڪتربند گاڏيءَ ۾ عدالت آڻڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نيازي سرڪار کي گهر موڪلي ئي احتجاج ختم ڪنداسين، مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته هڪ ڪوڙو شخص ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار عمران خان هوندو. نون ليگ اڳواڻ احسن اقبال لاهور جي احتساب عدالت ۾ شهباز شريف سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي احسن اقبال شهباز شريف کي بڪتربند گاڏيءَ ۾ عدالت آڻڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته نيازي سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪري ئي احتجاج ختم ڪنداسين. ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته هڪ ڪوڙو شخص ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جن جا اثر جيل اندر به نظر اچي رهيا آهن. هن چيو ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي، تنهن باوجود ٻئي ڄڻا جيل ۾ ٻند آهن. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار عمران خان هوندو……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔