عمران خان بڪتربند گاڏي جي تصوير گهرائي وٺي، هاڻ ووٽ چور به ان ۾ ويهندا: مريم اورنگزيب

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ نون جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان بڪتربند گاڏي جي تصوير گهرائي وٺي، هاڻ ووٽ چور به انهيءَ ۾ ويهندا. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي دهشتگردي نيب عدالت ۾ نظر آئي، اهي فون ڪري شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي بڪتربند گاڏين ۾ کڻي ايندا آهن. هن چيو ته غنڊا گردي ۽ بدمعاشي جو حڪم وزيراعظم ڏيندو آهي، جيڪو آءِ جي کي فون ڪري چوندو آهي ته شهباز ۽ حمزه کي بڪتربند ۾ کڻي وڃو. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪنٽينر تي بيهي چونڊيل وزيراعظم کي ڳلي مان پڪڙي گِهلڻ جو چوندو هو، ڪابينا ۾ اٽي ۽ کنڊ جا چور ويٺل آهن……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔