رابي پيرزادا ترڪ صدر جي پينٽنگ ٺاهڻ سان گڏوگڏ وڏي خواهش به ظاهر ڪري ڇڏي

لاهور : اڳوڻي گلوڪارا رابي پيرزادا ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي بيٽنگ ٺاهي تصوير جاري ڪرڻ سان گڏ کيس اسلامي دنيا جي سڀ کان متاثر ڪندڙ اڳواڻن مان هڪ قرار ڏنو آهي.
رابي پيرزادا ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي پينٽنگ تيار ڪئي ۽ اها ٽوئيٽر تي مداحن سان به شيئر ڪئي آهي.
تصوير جي ڪيپشن ۾ رابي لکيو ته رجب طيب اردگان اسلامي دنيا جي سڀ کان متاثر ڪندڙ اڳواڻن مان هڪ آهي.
اڳوڻي گلوڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته ترڪ صدر سدائين مسلم امت کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن مسلمانن تي ظلم خلاف آواز اٿاريو، منهنجي خواهش آهي ته اها پيٽنگ کيس تحفي ۾ ڏيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔