واشنگٽن؛ افغان امن عمل بابت امريڪا جي خاص نمائندي زلمي خليل زاد چيو آهي ته افغاني عوام ڪنهن به امن خراب ڪندڙ عنصرن جي چڪر ۾ نه ايندو.
هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته افغان نائب صدر امر الله صالح تي حملو امن عمل کي خراب ڪرڻ جي سازش آهي، جنهن کي عوام پنهنجي بهادري سان ناڪام بڻائيندو.