سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز وچ اوڀر بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سينيئر صلاحڪار جيرڊ ڪشنر سان تبوڪ ۾ ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات دوران ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ شراڪت جي اهميت ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سڀني شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ٻنهي ڌرين فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جي اهميت ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي
پچھلی پوسٹ