براؤزنگ پاڪستان

پاڪستان

ڀارت پاران دهشتگرد تنظيمن جي کلي عام حمايت کي وائکو ڪندا رهنداسين: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چٽو موقف اختيار ڪندي چيو ويو آهي ته ڀارت جي طرفان دهشتگرد تنظيمن جي کلي عام حمايت کي وائکو ڪيو ويندو رهندو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ

بي اين پي مينگل پي ٽي آءِ سان اتحاد ختم ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران بلوچستان نيشنل پارٽي(مينگل) جي اڳواڻ سردار اختر مينگل تحريڪ انصاف سان اتحاد ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هن چيو ته اسان ايوان ۾ موجود رهنداسين ۽ پنهنجو آواز بلند ڪندا رهنداسين. اجلاس دوران خيالن جو

ڪورونا وائرس: ڪراچي جي متاثرعلائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي: عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس سبب ڪراچي جي وڌيڪ متاثر علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب مذڪوره تجويز ڊپٽي ڪمشنر ضلعي غربي پيش ڪئي آهي. هن ان حوالي سان ڪراچي جي ڪمشنر کي باقاعده خط به موڪلي ڇڏيو

ميچ فڪسنگ ۽ سٽي بازي خلاف قانون تيار آهي:پي سي بي

اسلام آباد: ميچ فڪسنگ جي روڪٿام لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ اهم فيصلو ڪيو آهي، تجويز ڪيل قانون تحت سٽي بازي خلاف پڻ ڪارروائي ٿيندي پي سي بي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ميچ فڪسنگ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ۽ ڪرپشن ۾ ملوث رانديگرن کي قيد جي سزا ايندي،

سنڌ حڪومت نئين مالي سال لاءِ اڄ ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪندي

ڪراچي: سنڌ حڪومت نئين مالي سال لاءِ نئين ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪندي سنڌ حڪومت جي نئين مالي سال 21-2020 جي لاءِ ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪندي جنهن جو مجموعي حجم 1220 روپين تائين ٿيڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال جي

وزيراعظم عمران خان اڄ لاڙڪاڻي جي دوري تي ويندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڄ لاڙڪاڻي جي دوري لاءِ روانو ٿيندو. وزيراعظم لاڙڪاڻي ۾ مختلف اسپتالن جو دورو ڪندو ۽ اسپتالن جي صورتحال جو جائزو وٺندو. وزيراعظم لاڙڪاڻي ۾ احساس سينٽر جو به دورو ڪندو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ٽيم سان

لنڊن ۾ عمران خان جون 6 ۽ شهزاد اڪبر جون 5 ملڪيتون آهن: سپريم ڪورٽ ۾ تفصيل جمع

اسلام آباد: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس جي خلاف درخواست ۾ وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان داخل ڪرايل دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان نيازي جي نالي تي برطانيه ۾ 6 ۽ شهزاد اڪبر جي

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 136ڄڻا فوت

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ تيزي سان وڌڻ لڳو. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ هڪ لک 54 هزار 760 تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن دوران 136 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 2 هزار 975 ٿي ويو آهي.

سنڌ ڪابينا 12 کرب روپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينه 12 کرب روپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن، هارين ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي رليف ڏنو آهي. مالي پريشانين جي باوجود سرڪاري ملازمن ۽ عوام کي رليف

18هين ترميم ۾ وڏن وزيرن کي آمرن جيترا اختيار مليا:وزيراعظم

ڪراچي : 18هين ترميم ۾ وڏن وزيرن کي آمرن جيترا اختيار ملي ويا، ڪجهه مامرن ۾ ته صوبن وٽ وفاق کان وڌيڪ اختيار آهن، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 18هين ترميم تحت اختيار صوبن ڏانهن ته منتقل ٿيا پر مڪاني ادارن تائين نه پهچي سگهيا، گورنر هائوس