پاڪ فوج وڌيڪ هڪ ڀارتي جاسوس ڊرون کي ڪيرائي ڇڏيو

اسلام آباد :پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ٿيل بيان موجب پاڪ فوج وڌيڪ هڪ ڀارتي جاسوس ڊرون کي ڪيرائي ڇڏيو آهي . آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي جاسوس ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون کي ايل اوسي تي تتا پاني سيڪٽر وٽ ڪيرايو ويو .پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب ڀارتي ڊرون 850 ميٽر پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو هو.آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان هلندڙ سال 9 ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون ڪيرايا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔