وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر پاران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي مذمت

ڪراچي :وڏي وزير مراد علي شاهه پاران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي، سنڌ جي گورنر پاران به حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي، آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف ايس ايس پي سٽي جو چوڻ آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج ٻاهران حملي ۾ 5 اهلڪار ۽ 2 شهري شهيد ٿيا آهن، حملي ۾ زخمي ٿيل 7 ماڻهن کي سول اسپتال پهچايو ويو آهي، ڊي آءِ جي سائوٿ جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جديد هٿيارن سان حملو ڪيو هو، جيڪو ناڪام بڻايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔