براؤزنگ عالمي خبرون

عالمي خبرون

اسرائيل سان معاهدي کان پوءِ امارات ۽ بحرين کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا: ايران

تهران: ايران جي صدر حسن روحاني خبردار ڪيو آهي ته متحده عرب امارات ۽ بحرين کي اسرائيل سان معاهدو ڪرڻ کان پوءِ سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا ۽ جيڪڏهن خطي ۾ امن تباهه ٿيو ته ان جي ذميواري به ٻنهي مسلمان ملڪن مٿان لاڳو ٿيندي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري

سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 4هزار 463 انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون

ڪراچي: سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 4هزار 463 انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون، هڪ ڏينهن اندر 2لک35 هزار 480 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو ڪُل انگ 2 ڪروڙ 95لک 3هزار کان وڌي ويو آهي. ڀارت ۾ صورتحال خراب آهي، جتي هڪ ڏينهن اندر وڌيڪ هڪ هزار

سعودي عرب آزاد فلسطيني رياست جي حمايت ڪري ٿو؛ شاهه سلمان

رياض؛ سعودي عرب 1967 جي سرحدن سان گڏ يروشلم جي راجڌاني سان آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت کي ورجايو آهي. بادشاهه سلمان جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان موجب ، سعودي عرب فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ سڀني ڪوششن جي

بشارالاسد کي قتل ڪرڻ چاهيو ٿي پر بچاءُ واري وزير روڪي ڇڏيو؛ ٽرمپ جو انڪشاف

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انڪشاف ڪيو آهي ته مون 2017 ۾ شام جي صدر بشارالاسد کي قتل ڪرائڻ چاهيو ٿي پر ان وقت جي بچاءُ واري وزير جيمز ميٽس مون کي ائين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.آمريڪي خابرو اداري فوڪس نيوز جي هڪ پروگرام ۾ صدر ٽرمپ انڪشاف ڪيو

ڊبليو ٽي او چيني شين تي آمريڪي ٽيڪس غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

جنيوا: عالمي واپار تنظيم (ڊبليو ٽي او) چيو آهي ته چين سان تڪرار ۾ آمريڪا طرفان ان جي ڪجهه شين تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو عمل غير قانوني آهي. ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن موجب چين جي شين تي 200 ارب ڊالرن جي ڪاٿي جو واڌو ٽيڪس، جنهن جو فيصلو 2018 ۾ ڪيو ويو

آمريڪي صدر هڪ دفعو ٻيهر ايران تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ دفعو ٻيهر ايران کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران طرفان ڪنهن به شڪل ۾ حملو برداشت نه ڪيو ويندو.هن چيو ته ايران جنرل قاسم سليماني جو بدلو وٺڻ جي لاءِ

شنگهائي تعاون تنظيم والاريل ڪشمير بابت پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي

شنگهائي: شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) والاريل ڪشمير بابت پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. شنگهائي تعاون تنظيم پاڪستان جي نئين نقشي تي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيا.قومي سلامتي جي صلاحڪارن واري اجلاس ۾ ڀارتي صلاحڪار اجيت دول اعتراض

سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپ ۾ سترنهن طالبان مارجي ويا

ڪابل؛ افغانستان جي بدخشان صوبي ۾ سيڪيورٽي فورسز سان ويڙهه دوران سترنهن طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. سيڪيورٽي فورسز موجب واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن سيڪيورٽي فورسز طالبان جي حملي کي ناڪام بڻايو.

ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، اسرائيل ٻيهر لاڪ ڊائون تي مجبور

تل ابيب : اسرائيل ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ مسلسل وڌڻ سبب ٻيو ڀيرو سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ڪابينا جي هڪ اجلاس کانپوءِ اعلان ڪيو ته ايندڙ جمعي کان سڄي ملڪ ۾ 3 هفتن لاءِ لاڪ ڊائون هوندو.

جاپان جي حڪمران پارٽي يوشيدي سوگا کي نئون وزيراعظم چونڊي ڇڏيو

ٽوڪيو:جاپان جي حڪمران پارٽي يوشيدي سوگا کي نئون وزيراعظم چونڊي ڇڏيو برطانوي نشرياتي اداري موجب حڪمران پارٽي جي استعيفيٰ ڏيندڙ شنزو آبي جي جاءِ تي يوشيدي سوگا کي نئون وزيراعظم چونڊيو آهي ۽ نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ووٽ جو عمل به جاري