سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 4هزار 463 انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون

ڪراچي: سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 4هزار 463 انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون، هڪ ڏينهن اندر 2لک35 هزار 480 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو ڪُل انگ 2 ڪروڙ 95لک 3هزار کان وڌي ويو آهي. ڀارت ۾ صورتحال خراب آهي، جتي هڪ ڏينهن اندر وڌيڪ هڪ هزار 139 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 97هزار کان وڌيڪ شهري وائرس ۾ وٺجي ويا. آمريڪا ۾ 833 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 29 هزار 890 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ميڪسيڪو ۾ 629 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 71هزار 678 ٿي ويو آهي. برازيل ۾ 148، اسپين ۾ 239، ايران ۾ 179، انڊويشيا 135، عراق ۾ 82، ترڪي ۾ 63 ۽ فلپائن 69 ڄڻا فوت ٿي ويا. عالمي وبا سبب وبا سبب هيل تائين فوت ٿيلن انگ 9 لک 42 هزار 950 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ مريض صحتياب به ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔