وفاقي سرڪار دهشتگردي جي روڪٿام وارو ترميمي بل سينيٽ مان منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد : وفاقي سرڪار ٽيون ڀيرو قومي اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ باوجود دهشتگردي جي روڪٿام وارو ترميمي بل سينيٽ مان منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.سينيٽ جي ميمبرز اڪثريتي راءِ سان ترميمي بِل کي رد ڪري ڇڏيو. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي سربراهي ۾ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي مان ايف اي ٽي ايف بابت منظور ڪرايل دهشتگردي جي روڪٿام واري ترميمي بل کي پيش ڪيو ويو. اپوزيشن دهشتگردي جي روڪٿام واري ترميمي بل جي مخالفت ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيا، ووٽنگ دوران بل جي حمايت ۾ 31 ۽ مخالفت ۾ 34 ووٽ پيا. سينيٽ اجلاس دوران ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان ڪوآپريٽو سوسائٽي بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو جڏهن ته جماعت اسلامي بل جي مخالفت ڪئي. سينيٽ چيئرمين اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. دهشتگردي جي روڪٿام واري ٽئين ترميمي بل 2020 موجب جاچ آفيسر عدالت جي اجازت سان 60 ڏينهن ۾ ڪجهه طريقا استعمال ڪري دهشتگردي ۾ رقم جي فراهمي جي جاچ ڪندو، انهن طريقن ۾ ڳجها آپريشن ۽ ڪمپيوٽر سسٽم جو جائزو وٺڻ شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔