پارلياماني تاريخ ۾ ڪڏهن به اسپيڪر جو ايترو غير جمهوري رويو ناهي ڏٺو:بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد :پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته پارلياماني تاريخ ۾ ڪڏهن به اسپيڪر جو ايترو غير جمهوري رويو ناهي ڏٺو. حڪومت کي سجهائڻ ۽ سندن مدد لاءِ ايوان ۾ آيا هئاسين پر ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. پارليامينٽ جي اجلاس دوران واڪ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته غير آئيني طريقي سان قانونسازي ڪئي وئي، عدالتي فيصلي بعد ڪو به صلاحڪار پارليامينٽ ۾ بل پيش نه ٿو ڪري سگهي. هاڻي اسان کي جهموريت جي بحالي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. بلاول چيو ته اڄ پاڪستان جي جمهوري تاريخ تي وڏو حملو ٿيو آهي. اسان کي حق آهي ته پارليامينٽ ۾ وڃي پنهنجو موقف بيان ڪيون. اسان کي شڪ آهي ته حڪومت صلاحڪارن کي بل جي منظوري واري ووٽ ۾ داخل ڪيو. حڪومت کي ڀلا ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ ۾ ڪهڙي تڪليف هئي. اسپيڪر کي اجازت ناهي ته هو اپوزيشن کي روڪي سگهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد هي سڀ غير آئيني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔