اپوزيشن وارن مني لانڊرنگ ناهي ڪئي ته پوءِ کين ڇا جو ڊپ آهي؟ وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : پارليامينٽ جَي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سمورِي اپوزيشن خراب ناهي پر اڄ اپوزيشن اڳواڻن لاءِ منهنجي راءِ مضبوط ٿي وئي. اپوزيشن پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون، اپوزيشن وارن مني لانڊرنگ ناهي ڪئي ته پوءِ کين ڇا جو ڊپ آهي؟ عمران خان چيو ته اپوزيشن اڳواڻن ۽ ملڪ جا مفاد هڪٻئي جَي ابتڙ آهن، ايف اَي ٽي ايف جِي گِري لسٽ اسان کي وراثت ۾ ملِي، جنهن مان نڪرڻ ملڪ جَي مفاد آهي. عمران خان چيو ته اميد هئي ته اڄ اپوزيشن ڪورونا کي منهن ڏيڻ تي حڪومت جِي واکاڻ ڪندي ۽ ٿورا مڃيندِي، ڊبليو ايڇ او دنيا کي چوي ٿي ته پاڪستان کان سِکو، اهڙو قانون آڻڻ چاهيون ٿا. جنهن سان ٻارن جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي، ريپ جَي ڏوهارين جِي ڊيٽا ٺاهينداسين وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر سان ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر اپوزيشن سان ڪرپشن تي ڪڏهن به سهڪار نه ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔