ڊبليو ٽي او چيني شين تي آمريڪي ٽيڪس غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

جنيوا: عالمي واپار تنظيم (ڊبليو ٽي او) چيو آهي ته چين سان تڪرار ۾ آمريڪا طرفان ان جي ڪجهه شين تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو عمل غير قانوني آهي.
ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن موجب چين جي شين تي 200 ارب ڊالرن جي ڪاٿي جو واڌو ٽيڪس، جنهن جو فيصلو 2018 ۾ ڪيو ويو هو، عالمي واپاري قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.
واضح رهي ته واشنگٽن حڪومت مناسب طور اها وضاحت ناهي ڪئي ته ان چين مان درآمد ٿيندڙ ڪجهه شين کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان ڇو روڪي ڇڏيو آهي.
آمريڪا چيني شين تي پابندي جو سبب اهو ٻڌايو هو ته اهي شيون چين جي علائقي سنڪيانگ ۾ ”جبري پورهئي“ ذريعي تيار ڪيون ويون آهن ۽ چين جو اهو قدم ”غلامي جي جديد صورت“ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔