ايران کي اولمپڪ راندين مان نه ڪڍنداسين: عالمي ڪميٽي

برن: ايراني پهلوان نويد آفڪاري کي ڦاهيءَ جي سزا ڏيڻ کانپوءِ جيتوڻيڪ تهران حڪومت تي عالمي سطح تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي پر عالمي اولمپڪ ڪميٽي چيو آهي ته ايران کي اولمپڪ راندين مان نه ڪڍنداسين.
آءِ او سي (انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اولمپڪ راندين مان ايران کي خارج ڪرڻ جو نتيجو اهو هوندو ته ان ملڪ ۾ رانديگرن کي رڳو ان سبب سان سزا ملندي ته اهي هڪ مخصوص سياسي يا قانوني نظام تحت رهن ٿا.
واضح رهي ته گذريل هفتي 27 ورهين جي افڪاري کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي، مٿس آگسٽ 2018 ۾ حڪومت مخالف احتجاج دوران هڪ سيڪيورٽي اهلڪار کي مارڻ جو الزام هو.
اختيارين موجب افڪاري حراست دوران ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔