ايپل طرفان ٻه نيون ڊجيٽل واچون متعارف

ايپل طرفان ورهين کان هر سال سيپٽمبر ۾ نوان آءِ فونز متعارف ڪرايا پيا وڃن پر هن ڀيري اها روايت ٽٽي وئي آهي.
ايپل جي ورچوئل ٽائيم فلائير ايوينٽ ۾ ڪمپني طرفان نيون سمارٽ واچز، آءِ پيڊ، ٽي وي ۽ وڊيو گيمز جي ڊجيٽل سبسڪرائپشنز تي ڌيان ڏنو ويو آهي.
ظاهر آهي سڀ کان وڌيڪ ڌيان جو مرڪز بڻجندڙ ڊوائيس نئين (ايپل 6 واچ) ثابت ٿي جنهن ۾ گھڻين شين جي واڌ ڪئي وئي آهي.
ايپل 6 واچ ۾ ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ هٿن جي صفائي جو ٽريڪر، رت ۾ آڪسيجن جي سطح جي مانيٽرنگ ڪندڙ فيچر ڏنو ويو آهي جيڪو سطح گھٽ ٿيڻ تي واهپيدار کي آگاهه ڪندو.
موشن سينسرز ذريعي ننڊ جي ٽريننگ جهڙا فيچرز به ڏنا ويا آهن جڏهن ان ۾ته بلو ايلمونيم، بليڪ گرائفٽ ۽ ڊيپ ريڊ جهڙن نون رنگن جي واڌ ڪئي وئي آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته ايپل واچ6 سيريز ۾ بلڊ آڪسيجن جي سطح جي جاچ 15 سيڪنڊن ۾ ٿيندي جنهن لاءِ ريڊ ۽ انفراريڊ جو استعمال ٿيندو.
ان سمارٽ واچ ۾ نئون ايس 6 پراسيسر ڏنو ويو آهي جيڪو اڳ جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو تيز آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔