بشارالاسد کي قتل ڪرڻ چاهيو ٿي پر بچاءُ واري وزير روڪي ڇڏيو؛ ٽرمپ جو انڪشاف

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انڪشاف ڪيو آهي ته مون 2017 ۾ شام جي صدر بشارالاسد کي قتل ڪرائڻ چاهيو ٿي پر ان وقت جي بچاءُ واري وزير جيمز ميٽس مون کي ائين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.آمريڪي خابرو اداري فوڪس نيوز جي هڪ پروگرام ۾ صدر ٽرمپ انڪشاف ڪيو ته مان شامي صدر بشارالاسد کي رستي تان هٽائڻ چاهيو ٿي جنهن جي لاءِ منهنجو منصوبو تيار هو پر جيمز ميٽس مون کي سختي سان ائين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو جنهن کان پوءِ مان ان تي عمل نه ڪري سگهيس. ياد رهي ته هي اهو انڪشاف آهي جنهن جو واشنگٽن پوسٽ جي صحافي باب ووڊورڊ پنهنجي ڪتاب فيئر ٽرمپ ان دي وائٽ هائوس ۾ 2018 ۾ انڪشاف ڪيو هو.جڏهن ته صدر ٽرمپ ان جي هن ڳالهه کي رد ڪندي چيو هو ته مون ڪڏهن به بشارالاسد کي قتل ڪرڻ تي ڪڏهن به غور نه ڪيو هو. ٽرمپ صدر بشارالاسد کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف اڳوڻي بچاءُ واري وزير جيمز مينس کي هيٺاهون ڏيکارڻ جي لاءِ ڪيو. صدر ٽرمپ روزاني پنهنجي بيانن ۾ جيمز ميٽس کي تنقيد جو نشانو بنائيندو رهيو آهي هي اهوئي جيمز ميٽس آهي جڏهن کيس بچاءُ وارو وزير مقرر ڪيو ويو هو ته ڊونلڊ ٽرمپ زمين آسمان هڪ ڪري سندس عظيم ماڻهو جي طور تي تعريف ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔