ٽنڊوڄام ويجهو زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه ڀائر فوت، امڙ ۽ ڀيڻ اسپتال داخل

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام ويجهو يونين ڪائونسل سانوڻ خان گوپانگ جي ڳوٺ آدم خان جمالي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه سڳا ڀائر فوت ٿي ويا، جڏهن ته معصوم نينگري ۽ سندن والده ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد داخل آهي.
فوت ٿيلن ۾ 16 ورهين جو نثار خاصخيلي ۽ 12 ورهين جو اياز پٽ ڦوٽو خاصخيلي شامل آهن جن سول اسپتال حيدرآباد ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. جڏهن ته 7 ورهين جي سندن ڀيڻ معصوم نينگري ندا ۽ سندس ماء کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
فوت ٿيل ٻنهي ڀائرن جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي قهرام مچي ويو ۽ ڳوٺ ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو، ان سلسلي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن ۽ ڳوٺ جي چڱي مڙس منظور جمالي پاران ڊاڪٽرن تي مجرماڻي غفلت جو الزام هڻندي چيو آهي ته رات جي کاڌي ۾ زهريلي ڪرڙي ملي وڃڻ سبب چئن گهر ڀاتين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي ويئي جن کي فوري طور سول اسپتال حيدرآباد کڻائي پهتاسين جتي ڊاڪٽرن معمولي علاج ڪري صحتياب قرار ڏيئي واپس گهر موڪلي ڇڏيو، ڪجهه دير بعد طبعيت ٻيهر خراب ٿي ويئي ٻيهر اسپتال کڻائي پهتاسين پر زهر جسم ۾ ڦهلجي وڃڻ ڪري ٻه ڀائر اسپتال ۾ فوت ٿي ويا.
هنن اعلي’ اختيارين کان نوٽيس وٺي غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔