براؤزنگ خاص خبرون
خاص خبرون
جاپان ۾ سامونڊي طوفان سان تباهي، لکين ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور
ٽوڪيو: جاپان جي ڏکڻ اولهه علائقن ۾ سامونڊي طوفان شانشان تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 45 زخمي ٿي پيا.
مقامي ميڊيا موجب 50 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جاپان جي 7 ضلعن ۾ ٻه!-->!-->!-->…
برسات کانپوءِ صورتحال قابو ۾ آهي، مرتضيٰ وهاب
ڪراچي: ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته برسات کانپوءِ ڪراچي جون حالتون ڪنٽرول ۾ آهن.
ميديا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهر جا سمورا انڊر پاسز ۽ هاءِ ويز صاف آهن، جتي پاڻي جمع آهي اتي نيڪال جو عمل جاري آهي.هن چيو ته گلشن مري ۽ منگهو پير!-->!-->!-->…
سامونڊي پٽي ۾ تيز هوا ۽ برسات وارو طوفان ٽڪرائڻ لاءِ تيار
ڪراچي: موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ڀارت جي رڻ ڪڇ کان سنڌ جي سامونڊي ڪنارن سان ٽڪرائڻ لاءِ تيز برسات ۽ واچوڙي وارو طوفان وڌي رهيو آهي ۽ جمعي تي شام جو ڪنهن به وقت ٽڪرائبو. جمعي تي صبح 10 وڳي جاري ڪيل چتاءَ موجب طوفان سنڏ جي سامونڊي!-->…
منهنجي شادي جو مسجد ۾ اعلان ڪيو ويو: ثمن انصاري
ڪراچي : اڪستاني ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا تمن انصاري جو چوڻ آهي ته جڏهن مان اعليٰ تعليم لاءِ ڪئناڊا ويس ته منهنجي نانا نياڻيءَ منهنجي شادي ڪرائي هئي، جنهن ڏينهن منهنجي مڙس سان ملاقات ٿي هئي. اها شادي 16 سالن تائين هلي، طلاق کانپوءِ هوءَ!-->…
ٻِي ٽيسٽ برسات سبب متاثر، شاهين ڊراپ ٿيڻ سخت ناراض
راولپنڊي: پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ٻِي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن راولپنڊي ۾ سخت برسات سبب ٽاس ئي نه ٿي سگهي ۽ پهرين ڏينهن جي راند ڪينسل ڪئي وئي آهي. گذريل ٽن ڏينهن کان وقفي سان وقفي سان جاري برسات جمعي جي رات کان جمعي ڏينهن منجهند تائين مسلسل!-->…
بلوچستان ۾ نفرتن جا ٻج پوکيندڙن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي: وزيراعظم
اسلام آباد: بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن تي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ۾ نفرتن جا ٻج پوکيندڙن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي.ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي دوري دوران امن امان جي صورتحال جو!-->…
فلاڊيلفيا ڪوريڊور تي فوجين کي برقرار رکڻ جي منظوري
يروشلم : اسرائيلي ڪابينا فلاڊيلفيا ڪوريڊور تي فوج جي مسلسل موجودگي جي منظوري ڏئي ڇڏي.اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪابينا جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته اهو قدم حماس کي سمجهوتو ڪرڻ تي مجبور ڪندو ۽ جنگ بندي معاهدي جا امڪان وڌي ويندا.رپورٽ ۾ چيو!-->…
اسٽاڪ ايڪسچينج، پهرين سيشن ۾ مثبت رجحان
ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ پهرين ڪاروباري سيشن ۾ مثبت رجحان ڏٺو ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس پهرين سيشن ۾ 442 پوائنٽن جي واڌ سان 78 هزار 792 تي بند ٿيو.پهرين سيشن ۾ 37 ڪروڙ شيئرز جا سودا 10.95 ارب رپين ۾ طئي ٿيا.ڪالهه!-->…
پنجگور ۽ زوب ۾ آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا، 3 زخمي
راولپنڊي: سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلع پنجگور ۽ زوب ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروايون ڪيون آهن.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز ان ڪارروائي دوران 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.گذريل رات جي ڪارروائين ۾ سڪيورٽي فورسز جي!-->…
سنڌ ۾ سامونڊي طوفان جو خدشو،سمورن کاتن کي الرٽ رهڻ جي هدايت
ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سامونڊي طوفان جي خطري کي نظر ۾ رکندي سمورن صوبائي کاتن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ تيز برساتن جو امڪان!-->…