حڪومت پاران ڪمرشل جهازن لاءِ جيٽ فيول جي قيمت ۾ واڌ

ڪراچي:  حڪومت ڪمرشل جهازن ۾ استعمال ٿيندڙ جيٽ فيول جي قيمت ۾ 154 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي.حڪومت ايئر لائن جهازن لاءِ جيٽ فيول جي قيمت ۾ 154 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ جيٽ فيول جي قيمت 188.93 رپين کان وڌي 342.37 رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي وئي آهي.جيٽ فيول جي قيمت ۾ 82 سيڪڙو جو رڪارڊ اضافو ٿيو آهي ۽ جيٽ فيول جي قيمت ۾ واڌ سان ايئر لائنز جي ڀاڙن ۾ 5000 رپين تائين واڌ جو امڪان آهي.

تبصرے بند ہیں۔