همت آهي ته آبنائي هرمز ۾ بحري جهاز اماڻي ڏيکاريو، پاسداران انقلاب جو ٽرمپ کي کليل چيلينج

تهران:  ايران جي پاسداران انقلاب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي چيلينج ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن همت آهي ته آبنائي هرمز ۾ تيل بردار جهازن جي حفاظت لاءِ آمريڪي بحري جهاز مقرر ڪري ڏيکاري.

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب پاسداران انقلاب جي هڪ ترجمان چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي بحري جهاز اماڻڻ چاهي ٿو ته اهو پنهنجا بحري جهاز اماڻي آئل ٽينڪرز کي  آبنائي هرمز ۾ گذاري ڏيکاري. ايران جي فوج به چيو آهي ته آبنائي هرمز بدستور کليل آهي پر جيڪڏهن ڪوبه آمريڪي يا اسرائيلي جهاز انهي مان گذرڻ جي ڪوشش ڪندو ته انهي کي نشانو بنايو ويندو.

اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڱاري جي ڏينهن چيو هو ته ضرورت پوڻ تي آمريڪي بحريه آبنائي هرمز مان گذرندڙ تيل سان ڀريل جهازن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ شروع ڪري سگهي ٿي آمريڪي صدر چيو هو ته ضرورت پوڻ تي آبنائي هرمز ۾ ڪمرشل جهازن سان آمريڪي نيوي ويندي. جهازن جي انشورنس ۾ آمريڪي مالياتي اداره مدد ڪندو.

ياد رهي ته آبنائي هرمز دنيا جي اهم ترين تيل بردار بحري رستن ۾ شمار ٿيندو آهي ڇو ته وچ اوڀر جا ڪيترائي تيل پيدا ڪندڙ ملڪ خاص طور تي سعودي عرب، ايران، عراق، ڪويت، بحرين، قطر ۽ متحده عرب امارات جو برآمد ٿيل تيل انهي رستي تان گذرندو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔