ايران جو پاڙيسري عرب ملڪن تي حملا نه ڪرڻ جو اعلان ۽ معذرت

واشنگٽن :اسرائيل ۽ ايران جا ڇنڇر تي اٺين ڏينهن به هڪٻئي تي حملا جاري آهن. ايراني صدر مسعود پزشڪيان پاڙيسري عرب ملڪن تي حملا نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن عرب ملڪن کان اڳ ۾ ڪيل حملن تي معزرت ڪندي چيو آهي ته اڄ کانپوءِ ڪنهن به پاڙيسري عرب ملڪ تي تيسين حملو نه ڪنداسين جيسين ان ملڪ مان اسان تي حملو نه ٿيندو.

اهڙو اعلان آمريڪي اڏا رکندڙ عرب ملڪن لاءِ هڪ وڏو رليف ته آهي پر ان جو سبب ناهي ٻڌايو ويو. لڳي ٿو ته پاڪستان، ترڪيه، انڊونيشيا سميت دوست ملڪن جون بيڪ ڊور ڪوششون ڪامياب ٿيون آهن. جمعي تي سعودي عرب ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن ۾ ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي هئي.

سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سان ايران لاءِ گهڻن محاذن تي فوڪس ڪرڻ کان فرضت ملندي، هو اسرائيل ۽ آمريڪا ٺڪاڻن تي آساني سان حملا ڪري سگهندو.

ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته ايران جي عارضي قيادت ڪائونسل پاڙيسري ملڪن تي حملن کي معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. جنهن جو اعلان هن رياستي ٽي وي تي خطاب ۾ ڪيو.

سعودي عرب جا ايران سان حملا روڪڻ بابت رابطا

بلومبرگ جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته يورپي عملدارن موجب، سعودي عرب ايران سان پس منظر ۾ رابطن ۾ مصروف آهي. ڪيترائي يورپي ۽ وچ اوڀر جا ملڪ پڻ سعودي عرب جي ڪوششن جي حمايت ڪري رهيا آهن. خبر جي فوري طور تي آزاد طور تي تصديق نه ٿي سگهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته تهران تي حملو ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين ايران پنهنجي غير مشروط هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان نٿو ڪري.ٻئي طرف، اسرائيلي فوج (IDF) جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ايال ضمير چيو ته اسرائيل ايراني حڪومت کي چيڀاٽجي رهيو آهي ۽ پنهنجي ڪاميابين کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هر موقعي جو فائدو وٺندو.

دشمن سان تعاون ڪرڻ تي ڪردن کي ڪچلينداسين: ايراني فوجي ترجمان

ايراني فوج عراقي ڪردن کي سخت وارننگ جاري ڪئي آهي. ترجمان چيو ته جيڪڏهن عراقي ڪرد اڳواڻ آمريڪا سان تعاون ڪندا ته سڄي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻايو ويندو، ۽ ڪردن کي ان حد تائين ڪچليو ويندو جو مستقبل ۾ انهن کي سيڪيورٽي نه ملندي.

ايران جو خليج ۾ آمريڪي ۽ برطانوي آئل ٽينڪرن تي ميزائل حملو

انقلابي گارڊز چيو ته انهن اتر فارس خليج ۾ هڪ آمريڪي آئل ٽينڪر کي ميزائل سان نشانو بڻايو. آبنائے هرمز کي آمريڪي، اسرائيلي ۽ يورپي جهازن لاءِ نو گو زون قرار ڏنو ويو آهي.

سعودي عرب جو شيبه آئل فيلڊ ڏانهن ويندڙ 6 ڊرون ڪيرائڻ جو دعويٰ

سعودي وزارت دفاع چيو آهي ته شيبه آئل فيلڊ کي نشانو بڻائڻ لاءِ لانچ ڪيل ڇهه ڊرون هوا ۾ ڪيرايا ويا.

آبنائي هرمز ۾ جاري بحران جي وچ ۾ پاڪستان کي روسي تيل فراهم ڪيو ويندو: روسي ميڊيا

روسي ميڊيا عالمي توانائي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر مامودا سلامه جي حوالي سان چيو آهي. رپورٽ موجب، 733,000 بيرل روسي خام تيل جلد ئي پورٽ قاسم پهچندو.

اسرائيل جو ايران تي هڪ ٻيو وڏي پيماني تي حملو، مهرآباد ايئرپورٽ نشانو

اسرائيلي فوج چيو ته هن تهران ۾ سرڪاري هدفن تي وڏي پيماني تي هوائي حملو ڪيو.ايراني سرڪاري ٽي وي ٻڌايو ته تهران جي مهرآباد ايئرپورٽ تي هوائي حملو ڪيو ويو. تهران جي اولهه واري حصي ۾ هڪ زوردار ڌماڪو پڻ ٻڌو ويو.

تل ابيب ۾ تباهي، 100 ميٽر هيٺ سرنگون به لرزجي ويون، هندستاني صحافي

اسرائيل ۾ تباهي جي صورتحال تي، هڪ هندستاني صحافي چيو آهي ته تل ابيب ۾ تباهي جا منظر آهن، 100 ميٽر هيٺ سرنگون به ميزائلن کان لرزجي رهيون آهن. هندستاني صحافي انڪشاف ڪيو ته اسرائيل ۾، لاشن ۽ زخمين جون تصويرون ڪڍڻ جي به اجازت ناهي. اسپتال وڃڻ جي اجازت ناهي، ۽ تباهه ٿيل عمارت جون تصويرون يا وڊيوز ڪڍڻ تي به پابندي آهي. هن انڪشاف ڪيو ته هن اسرائيلي ٽيڪنالاجي بابت ٻڌو هو پر هن ٽيڪنالاجي کي ناڪام ٿيندي ڏٺو.

آمريڪا ۽ اسرائيل تهران تي بمباري، ڪيتريون ئي عمارتون تباهه

خليج ميڊيا موجب، آمريڪا ۽ اسرائيل تهران ۾ آزادي ٽاور جي ويجهو سخت بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ آزادي ٽاور جي ويجهو ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون، ميلن پري کان دونھين جا ڪڪر نظر اچي رهيا هئا، پر انهن حملن مان ممڪن موتن جي اڃا تائين تصديق نه ٿي سگهي آهي. اهو پڻ واضح ناهي ته اهي عمارتون رهائشي اپارٽمينٽ هيون يا سرڪاري آفيسون.

80 کان وڌيڪ جنگي جهازن سان ايراني فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو، اسرائيلي فوج جو دعويٰ

اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته 80 کان وڌيڪ جنگي جهازن ايراني فوجي تنصيبات ۽ ميزائل لانچرن کي نشانو بڻايو.اسرائيلي جنگي جهازن وچ ايران ۽ تهران ۾ نشانو بڻايو

آبنائي هرمز ۾ آمريڪي فوجين جو انتظار آهي : ايراني انقلابي گارڊز

ايراني انقلابي گارڊز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اهي آبنائي هرمز ۾ آمريڪي فوجين جو انتظار ڪري رهيا آهن.ايراني انقلابي گارڊز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ، آمريڪين کي 1987 ۾ آمريڪي سپر ٽينڪر تي باهه ۽ تيل جي ٽينڪرن تي تازين حملي کي ياد رکڻ گهرجي.

تبصرے بند ہیں۔