براؤزنگ خاص خبرون
خاص خبرون
اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگبندي ٿي وئي
ڪراچي : اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگبندي ٿي وئي، اسرائيل فلسطين ۾ حملا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اسرائيلي ڪابينا جنگبندي جِي منظوري ڏئي ڇڏي، گڏيل قومن جِي جنرل اسيمبلي جَي اجلاس دوران سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتريس غزا ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو هو،!-->…
ڌمڪيون ڏنيون ويون ته اين آر او نه ڏنو ته حڪومت ڪيرائي ڇڏينداسين: وزير اعظم
اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهي آهي، اسان ڪمزور طبقي کي مٿي کڻي اينداسين. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪي گوڙ ڪري رهيا آهن، اهي پاڻ کي قانون کان مٿانهون…
ن ليگ جو اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ٿيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي: شيخ رشيد
لاھور: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ن ليگ جو اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ٿيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي، اسٽيلبشمينٽ اسان جي ۽ اسان اسٽيبلشمينٽ جا آهيون، حڪومت ۽ ادارا هڪ پيج تي آهن، موجوده اپوزيشن وزيراعظم کي پڪڙي نه سگهندي، عمران خان کي ڪنهن…
نواز شريف جي شيخوپوره جي فيروزپور شهر ۾ زمين جي نيلامي مڪمل
شيخوپوره: اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جي شيخوپوره جي فيروزپور شهر ۾ زمين جي نيلامي مڪمل ٿي وئي آهي. چوڌري محمد بوٽا نالي هڪ شخص هڪ ڪروڙ هڪ لک في ايڪڙ جي حساب سان سڀ کان وڌيڪ واڪ ڏنو، نيلامي جي موقعي تي ايراضي جا 6 دعويدار به سامهون…
سنڌ هاءِ ڪورٽ، گم ٿيل شهرين جي بازيابي ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري کي رڪاوٽ قرار ڏئي ڇڏيو
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، گم ٿيل شهرين جي بازيابي ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري کي رڪاوٽ قرار ڏئي ڇڏيو، ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري، 27 مئي تائين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم: ڪيس جِي ٻڌڻي دوران عدالت آءِ جي اسلام آباد کي به طلب ڪري ورتو، عدالت!-->…
عمران خان جو ملڪ کي خيراتي اداري هٿان هلائڻ جو تجربو ناڪام ويو:بلاول
ڪراچي : عمران خان جو ملڪ کي خيراتي اداري هٿان هلائڻ جو تجربو ناڪام ويو، خان صاحب ڪورونا کان اڳ ئي ملڪي معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزير اعظم عمران خان تي تنقيد، ٽوئت بيان ۾ بلاول چيو ته سليڪٽڊ معاشي بحران!-->…
ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 131 ماڻهو فوت
اسلام آباد: ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 131 ماڻهو فوت ٿي ويا، حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 9 هزار 987 ٿي ويو، ڪورونا جا 4 هزار 207 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن بعد مريضن جو مجموعي انگ 8 لک 90 هزار 391 کان وڌي ويو، ڪورونا جا 8 لک 4!-->…
صوبائي سرڪار جي نااھلي سبب بيگناھ ماڻھو قتل ٿي رھيا آھن:حليم عادل
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت وارن ڪيس ۾ ملير جي عدالت ۾ پيش، عدالت 3 جوابدارن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ!-->…
ماتلي جي صوبائي تڪ پي ايس 70 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري
ماتلي : ماتلي جي صوبائي تڪ پي ايس 70 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري، پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿيڻ باوجود عورتن ۽ مردن جي مختلف اسٽيشنز تي ووٽنگ جو عمل دير سان شروع ٿيو، تڪ تي هڪ لک 41 هزار 681 ووٽرز رجسٽرڊ ٿيل، پ پ اُميدوار ڏاڏا محمد هاليپوٽو ۽!-->…
سنڌ ۾ ڪورونا جا ڪيس گهٽجڻ تائين پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو
ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا جا ڪيس گهٽجڻ تائين موجوده پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ٽاسڪ فورس جَي اجلاس ۾ ڪورونا صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته!-->…