ڌمڪيون ڏنيون ويون ته اين آر او نه ڏنو ته حڪومت ڪيرائي ڇڏينداسين: وزير اعظم

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهي آهي، اسان ڪمزور طبقي کي مٿي کڻي اينداسين. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪي گوڙ ڪري رهيا آهن، اهي پاڻ کي قانون کان مٿانهون رکڻ چاهين ٿا، ڌمڪيون ڏنيون ويون ته اين آر او نه ڏنو ته حڪومت ڪيرائي ڇڏينداسين، اسان جِي ڪاميابي اپوزيشن جماعتن جو سياسي موت آهي. هن چيو ته ملڪ جِي وڏين مافياز کي قانون جَي ماتحت ڏسڻ چاهيان ٿو، مخالفن ۽ مافياز کي خوف آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪامياب نه ٿي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔