لاڙڪاڻي ۾ سينيٽر سيف الله ابڙو جي ڀاءُ جي گرفتاري بعد ڇڪتاڻ تيز

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ سينيٽر سيف الله ابڙو جي ڀاء جي گرفتاري بعد ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ ضلعي صدر سميع الله ابڙو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ڳالھين لاء ٿاڻي تي گھرائي رحمت الله ابڙو کي گرفتار ڪرايو، ايس پي پاڻ ايف آء آر ۾ اغوا جو قلم لڳايو، جڏهن ته مسئلو جھيڙي جو ھيو. پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته انجنيئر آفتاب ابڙو غلط اين آءِ ٽي ڪري پيو جنهن تي ٺيڪيدار رحمت الله ابڙو احتجاج ڪيو ته مٿس ڏمرجي پيا، هنن چيو ته پ پ جا ايس ايس پي ۽ ٻيا آفيسر رکرايل آهن جنهن ڪري پي ٽي آء ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان انتقامي ڪاروايون پيا ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔