جهانگير ترين ڄاڻي، پي ٽي آءِ ڄاڻي، سندن اندروني مسئلو آهي: شهباز شريف

چارسده: نواز ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته جهانگير ترين ڄاڻي پي ٽي آءِ ڄاڻي، اهو سندن اندروني مسئلو آهي. شهباز شريف چيو ته جيل ۾ پهرين رات مونکي فرش تي سمهاريو ويو اهو ڄاڻندي به ته مونکي چيلهه جي تڪليف آهي، مونکي عام قيدين سان رکڻ ۽ جيل جو کاڌو کرائاڻ جا حڪم ڏنا ويا، عمران خان ۽ سندس ساٿي ان لاءِ پاڻ لاهور آيا. پوءِ مونکي بڪتربند گاڏي ۾ وڍي وينداهئا ته جيئن چيلهه کي وڌيڪ تڪليف پهچي. هن چيو ته رنگ روڊ جي منصوبي جو خاڪو اسان جي دور ۾ ٺهيو پر ان ۾ توسيع جي منظوري عمران خان پاڻ ڏني، جڏهن گوڙ ٿيو ته يو ٽرن ورتائين هاڻ سڀ ڪردار سامهون اچي چڪا آهن. هن حڪومت جي ڪهڙي ڪهڙي اسڪينڊل جي ڳالهه ڪجي، کنڊ جو اسڪينڊل وٺو، ڪڻڪ، دوائون، ويڪسينيشن، بي آر ٽي پشاور وغيره ڪهڙي اسڪينڊل جي ڳالهه ڪجي. پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي بدترين حڪومت ڪڏهن ناهي آئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔