حيدرآباد ۾ واڌو واهه جي ٻنهي پاسن کان ڊرينيج نالا ٺاهڻ جو حڪم’

حيدرآباد:سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ واڌو واه ۾ گندي پاڻي جو ڇوڙ مستقل بنيادن تي روڪڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان ڊرينيج نالا ٺاهڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. ايم ڊي واسا کي ڄاڻايل منصوبي بابت 15 ڏينهن اندر رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. ڊپٽي ڪمشنر عدالت کي آگاهي ڏني ته ايڇ ايم سي جا عملدار حددخلين خلاف آپريشن ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن تي ميونسپل ڪمشنر چيو ته ايڇ ايم سي وٽ رڳو هڪ ايڪسڪيويٽر آهي انتظاميا جي مدد لاءِ ٻي مشينري ڪرائي تي وٺي فراهم پيا ڪيون پر فنڊن جي کوٽ آهي. عدالت حڪم ڏنو ته ايڇ ايم سي ميونسپل ٽئڪس مان انڪروچمينٽ لاءِ رقم خرچ ڪري، عدالت شهر جي مختلف علائقن مان قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔