سنڌ ۾ سڀاڻي کان 18 سالن کان مٿي وارن ماڻهن لاءِ ڪورونا ويڪسين جي شروعات

ڪراچي: سنڌ حڪومت سڀاڻي کان انهن سمورن ماڻهن لاءِ ڪورونا ويڪسين جو آغاز ڪري رهي آهي جن جي عمر 18 سال يا ان کان وڌيڪ آهي. هر 18 سالن جو شهري جنهن وٽ شناختي ڪارڊ ، تعليمي ويزا يا ڪم جو اجازت نامو هجي سو 21 مئي 2021 کان ويڪسين جو اهل هوندو. سنڌ جي صحت کاتي ڪورونا ويڪسين جي مرحلي کي وڌيڪ فعال رکڻ لاءِ ايڪسپو سينٽر واري ويڪسينيشن سينٽر کي 24 ڪلاڪ کولي رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو انهن ماڻهن کي فائدو ڏيندو ، جيڪي آفيس ۽ ڪاروباري ڪمن ڪارين سبب ڏينهن جي دوران ويڪسينيشن نٿا ڪرائي سگهن. سنڌ جي صحت کاتي پنهنجي ملازمن سان گڏوگڏ نجي ڊاڪٽرن ، پيرا ميڊيڪل ، نرسز ۽ ٻين سروس فراهم ڪندڙن کي هدايت ڪئي آهي ته انهن کي جلد کان جلد ويڪسينيشن ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔