اسان جي طرفان بي اعتمادي رٿ نه ايندي، اپوزيشن وٽ پچائڻ لاءِ في الحال ڪا شئي ناهي: پرويز الاهي

لاهور: پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته اسان جي طرفان حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ نه ايندي، اپوزيش في الحال پچائڻ لاءِ ڪابه شئي ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ جا اتحادي آهيون، پنجاب ۾ تبديلي جا ڪي به امڪان نه آهن، جهانگير ترين تحريڪ انصاف جو حصو آهي، اسيمبلي اندر بيهڻ سان خبر پئجي ويندي ته جهانگير ترين جي گروپ ۾ ڪيترا ماڻهو آهن، منهنجو ساڻن ڪوبه رابطو ناهي ٿيو، پنجاب ۾ سينيٽ چونڊون بنا مقابلي کٽرائڻ لاءِ آصف زرداري ۽ بلاول ڪردار ادا ڪيو، ٻنهي نظام جي بهتري لاءِ منهنجي ڳالهه مڃي ورتي هئي، سينيٽ چونڊن ۾ وليد اقبال ۽ جهانگير ترين جي ڀيڻ کي ڪامياب ڪرايو هو، مولانا فضل الرحمان جو مامرو عمران خان جي چوڻ تي اسان حل ڪرايو، چوڌري شجاعت ۽ مون وڏي محنت ڪري مسئلا حل ڪرايان، اسان سان جيڪي شيون طئه ٿيون، اُنهن تي عمل ناهي ٿيو، حڪومت طرفان اها ئي پُراڻي خاموشي آهي، اسان ڪنهن سان گڏ هلندا آهيون ته دوکو نه ڏيندا آهيون.’

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔