نواز شريف جي شيخوپوره جي فيروزپور شهر ۾ زمين جي نيلامي مڪمل

شيخوپوره: اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جي شيخوپوره جي فيروزپور شهر ۾ زمين جي نيلامي مڪمل ٿي وئي آهي. چوڌري محمد بوٽا نالي هڪ شخص هڪ ڪروڙ هڪ لک في ايڪڙ جي حساب سان سڀ کان وڌيڪ واڪ ڏنو، نيلامي جي موقعي تي ايراضي جا 6 دعويدار به سامهون آيا، جن کي عدالت سان رجوع ڪرڻ جو چيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي زمينن جو نيلام صبح 10 وڳي شيخوپوه ميونسپل آفيس ۾ ٿيو ۽ 3:30 وڳي تائين جاري رهيو. زمين جي خريداري لاءِ ٽي اميدوار اڳيان آيا ، چوڌري محمد بوٽا نالي هڪ شخص هڪ ڪروڙ هڪ لک في ايڪڙ جي حساب سان سڀ کان وڌيڪ واڪ ڏنو، ان واڪ جي حساب سان زمين جي قيمت 11 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بيهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔