سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 15 ڄڻا فوت، 1248 نوان ڪيس ظاھر

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي تھ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڪورونا جا 1248 نوان ڪيس منظر عام تي آيا، ڪورونا سبب وڌيڪ 15 مريض فوت ٿيا، جنھن بعد صوبي ۾ فوتين جو انگ وڌي 4869 ٿي ويو آھي. هن وقت 20497 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 826 مريضن جي حالت نازڪ آھي جڏھن تھ ڪورونا جا 63 مريض وينٽيليٽر تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔