سنڌ ۾ ڪورونا جا ڪيس گهٽجڻ تائين پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا جا ڪيس گهٽجڻ تائين موجوده پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ٽاسڪ فورس جَي اجلاس ۾ ڪورونا صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ ڪورونا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، پابندين ۾ نرمي ڪرڻ ڏکيو لڳي رهيو آهي، وڏي وزير چيو آهي ته عيد الفطر 13 مئي تي ٿي، ان ڏينهن صوبي ۾ 1232 ڪيسز هئا ۽ عيد بعد 19 مئي تي 2076 ڪيسز رپورٽ ٿيا،جيڪو 10.2 سيڪڙو آهي، هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڪيسز وڌي رهيا آهن، گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ 16.82 سيڪڙو ڪيسز ساههون آيا آهن، وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ ٽاسڪ فورس جي ميمبرز ۽ ماهرن وڏي وزير کي صوبي ۾ ڪوڊ جي موجوده بندشون جاري رکڻ جو مشورو ڏنو، ان تي مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪيسز جي شرح گهٽ ٿي نرمي ڪنداسين ۽ واڌ ٿي ته وڌيڪ سختي ڪنداسين، پر اسان کي صوبي ۾ نرمي ڪرڻ مشڪل لڳي رهيو آهي، ترجمان موجب اجلاس ۾ وڏي وزير ٽاسڪ فورس جي ميمبرز کي هدايت ڪئي ته صورتحال جو جائزو وٺي وڌيڪ تجويزون ڏنيون وڃن ۽ صوبي ۾ ڪورونا جون بندشون به برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ترجمان موجب اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، گهرو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔